پير محمد مراد جي مزار ۽ قبرستان

پير محمد مراد جي مزار ۽ قبرستان: هي قبرستان ڪلھوڙا دور جو آهي. دادو شھر جي اوڀر ۾ پير مراد جي پھرين مزار دادو شاهه ڀاڻن لڳ ھئي، جيڪو ھاڻي ’سيد نبن شاهه ‘ جو ڳوٺ سڏجي ٿو. ھي ڳوٺ ڪچي ۾ ھئڻ ڪري ٻوڏ جي خطري ۾ رهندو هو، انڪري هن بزرگ کي ٻئي ھنڌ دفن ڪيو ويو، پر اتي درياهه اچي پاتو. ان ڪري سندس ميت پيتيءَ ۾ بند اتان ڪڍي دادوءَ ۾ اچي دفن ڪيائون. پير محمد مراد اصل موري لڳ درسن جو ويٺل ھو. سندس مزار اول ڪچي ۾ ھئي، جيڪا بعد ۾ نياز احمد ميمڻ رازي ڊھرائي، نئين ٺھرائي. هن قبرستان ۾ دادوءَ جا پراڻا شھري دفن آھن. جن ۾ سرھيا، ميمڻ، مگسي ۽ ڪنڀر شامل آهن. دادوءَ جا نامور عالم عبدلله خان مگسي، مولوي سھراب مگسي، ابوبڪر مگسي، نجم الدين آخوند، شفيع محمد آخوند ۽ مرحوم بيبي خديجھ وغيره به ھتي دفن ٿيل آھن. بخارين ۽ سيدن جو محلو به ھتي آھي. استاد بخاريءَ جي وفات کان پوءِ جيڪي مرتيا ٿيا آھن، سي اتي پوريل آھن. استاد بخاريءَ جي ٻن پٽن قربان شاهه ۽ حاجن شاهه جون تربتون به ھتي آھن. ھن وقت مزار جو متولي گلڻ پير آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو